ايف آءِ اي ايگزيڪٽ ڪمپني جي آفيسن ۾ ڇاپا هڻي ڪمپيوٽر ۽ رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز، ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين بابت رپورٽ شايع ٿيڻ بعد ايف آءِ اي اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪمپيوٽر ۽ رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترن ئي ملازمن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ايگزيڪٽ ڪمپني پاران جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان رپورٽ شايع ڪئي وئي هئي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نوٽيس وٺندي ايف اي جي ڊائريڪٽر ڪراچي شاهد حيات جي سربراهي ۾ ست رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڪمپني خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

گهرو وزير جي هدايت کانپوءِ ايف آءِ اي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪمپيوٽر ۽ رڪارڊ ضبط ڪري پنجويهه کان وڌيڪ ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي هائير ايجوڪيشن جي اڳوڻي چيئرمين  پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان چيو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني جو جعلي ڊگرين وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ سان آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پهتو آهي.

هن چيو ته آمريڪا ۾ ڊگرين جي تصديق لاءِ گهرو وزارت جي صحيح جي ضرورت ناهي، ايگزيڪٽ ملازمن کي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن.

واضح رهي ته آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پاران ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين بابت رپورٽ شايع ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايت تي ذريعن موجب، اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي جي ٽي ۽ ڪراچي ۾ پنج رڪني جاچ ڪميٽي ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*