عدالتي حڪم باوجود مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، خواجه اظهار

           سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرز صحت، تعليم ۽ مڪاني ادارن جي خراب صورتحال، فنڊز نه ملڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون، اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته نئين بجيٽ لاءِ مخالف ڌر سندرا ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ وڏي وزير کي ڪورڪمانڊر جي تقرير جو جواب ڏيڻ گهرجي ها

              سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران 9 مهينن جي بجيٽ خرچن ۽ تجويزن تي بحث ۾ حصو وٺندي فنڪشنل ليگ ايم پي اي امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، شهرن سان گڏ ٻهراڙين ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي ۽ روڊ رستا تباهه آهن

          هن چيو ته ڪراچي ۾ واٽر بورڊ جا عملدار ڪروڙين رپين جون پگهارون کڻن پيا پر پاڻي اڄ به چوري ٿي رهيو آهي

          پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ جي روڊ واري اسڪيم منظور نه ڪرائي سگهيو ٻين جي ڪهڙي خدمت ڪندو

          خواجه اظهار چيو ته عدالتي حڪم باوجود مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ڪريڊيٽ پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ بجيٽ تقرير ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي

        .خواجه اظهار چيو ته ڪورڪمانڊر جيڪي تقرير ۾ ڳالهيون ڪيون وڏي وزير کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي ها

     خواجه اظهار چيو ته مڪاني ادارن ۾ فوري طور بدليون ۽ مقرريون ڪيون وڃن ٿيون، ڪرپٽ ڪامورن کي بي نقاب ڪرڻ صوبائي وزير جي ذميواري آهي.

         صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اهم روڊ ۽ فلاءِ اوورز پ پ جي دور ۾ ٺهيا ۽ شهر ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران ڪم شروع ڪرڻ تائين صفائي ممڪن نه آهي.

          فنڪشنل ليگ جي پارلياماني اڳواڻ نندڪمار گوڪلاڻي جگر جي مرض ۾ مبتلا ٻن ڀينرن جو علاج ڪرائڻ واري اعلان تي شرجيل ميمڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته سانگهڙ ضلعي کي تمام گهڻو نظر انداز ڪيو ويو آهي.

پ پ ايم پي اي شميم ممتاز چيو ته واٽر بورڊ ۾ 3 هزارن جي جاءِ تي 13 هزار ملازم ڀرتي ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*