نوابشاهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب چئن دڪانن کي باهه لڳي وئي

نوابشاهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب چئن دڪانن کي باهه لڳي وئي، جنهن تي فائر برگيڊ جي گاڏي طلب ڪري ضابطو آندو ويو.

نوابشاهه ۾ شارٽ سرڪٽ سبب اسپيئر پارٽس جي هڪ دڪان سميت چئن ورڪشاپس کي باهه وڪوڙي وئي.

فائر برگيڊ جي گاڏي طلب ڪري دڪانن کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو.

سڙي ويل دڪان شهباز خان، محمد زاهد راڄپوت، اسحاق بروهي ۽ زاهد ملڪ جي ملڪيت آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*