سنڌ هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر خلاف بيانبازي جاري رکڻ تي ذوالفقار مرزا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود فريال ٽالپر خلاف  بيانبازي جاري رکڻ تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سندس سيڪيورٽي بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بئنچ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سيڪيورٽي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي.

فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته عدالت پاران منع ڪرڻ باوجود ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سندس اصيل خلاف بيهوده الزامن ۽ بيانبازي جو سلسلو بند ناهي ڪيو.

فاروق ايڇ نائيڪ پاران داخل توهين عدالت درخواست تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*