تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

تـَحريڪ انصاف، پنجاب اسيمبلي ۾ ايگزڪٽ ڪمپني خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي ساک خراب ڪندڙ ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان محمود الرشيد ايگزڪٽ ڪمپني خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ايگزڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين واري ڪاروبار سان نه صرف پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ مذاق ڏايو ويو پر ملڪ جي ساک کي نقصان پڻ پهچايو ويو آهي.

ٺهراءَ ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته ايگزڪٽ ڪمپني گذريل 10 سالن کان ملڪ ۾ اهڙو ڪاروبار ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ ٺهراءَ ۾ مطالبوڪيو ته وفاقي حڪومت، ايگزڪٽ ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*