ذوالفقار مرزا حڪومتي رٽ کي چيلينج ۽ پارٽي قيادت خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي، شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حڪومتي رٽ کي چئلنج ۽ پارٽي قيادت خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، عدالتن ۽ قانون سان تعلق رکندڙ سمورا ادارا صورتحال جو نوٽيس وٺن.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ذوالفقار مرزا بدين ۾ زوري دڪان بند ڪرايا ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا، سرڪار سندس خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون پر عدالتون ضمانتن مٿان ضمانتون منظور ڪري رهيون آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته درخشان ٿاڻي تي هن هٿياربندن کي چيو ته جيڪو ڳڙ ٻڙ ڪري ان کي سڌيون گوليون ٺوڪيو، هن اهو به چيو ته منهنجي سامهون ايندڙ پوليس آفيسر ڪفن کڻي اچي، عدالتون اهڙن بيانن ۽ حرڪتن جو وڊيو ثبوتن جي آڌار تي نوٽيس وٺن.

هن چيو ته حڪومتي رٽ کي چئنلج ڪيو پيو وڃي، سرڪار ايف آءِ آرز داخل ڪرائي پئي پر ضمانتون ملي وڃن ٿيون ته سرڪار ڇا ڪري؟

شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتي حڪمن باوجود گٿن لفظن جي استعمال تي ذوالفقار مرزا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيا آهن.

هن چيو ته ذوالفقار مرزا هڪ پاسي غنڊا گردي ڪري ٿو ٻئي پاسي 9-9 ڪلاڪ عدالت ۾ لڪي ويهي ٿو، ڪالهه پوليس کيس گرفتار ڪرڻ نه پر سيڪيورٽي لاءِ بيٺل هئي، سندس لڪي ويهڻ مان شير سنڌ هئڻ واري دعويٰ پڌري ٿي وئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار مرزا جيڪي الزام اڄ هڻي پيو، کيس اهي ڳالهيون وزير هئڻ وقت ڪرڻ کپنديون هيون، وٽس ڪنهن جي ڪرپشن جا ثبوت آهن ته عدالت وڃي، جتان کيس ضمانتون ملن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*