آصف زرداري جي صدارت هيٺ اڄ لنڊن ۾ پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس ٿيندو

پيپلزپارٽي جو اهم اجلاس اڄ لنڊن ۾ آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندو، آصف زرداري جي الطاف حسين سان به ملاقات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خورشيد شاهه، رحمان ملڪ، ڊاڪٽر عاصم حسين، واجد شمس الحسن ۽ ٻيا پارٽي جا سينيئر اڳواڻ شرڪت ڪندا.

اجلاس دوران سنڌ جي اهم سياسي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ موجود آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي.

واضح رهي ته قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين به لنڊن ۾ ئي موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*