عراقي حڪومت عوام کي داعش جو قبضو واپس وٺڻ لاءِ ويڙهه ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

عراقي حڪومت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي انبار صوبي جي گادي واري شهر رمادي کان داعش جو قبضو واپس وٺڻ لاءِ ويڙهه ۾ رضاڪاڻي طور حصو وٺن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب عراقي ڪابينا جي بيان ۾ عراقي عوام سان داعش خلاف قوم کي متحد رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته اهو انبار ۽ نينوا ۾ موجود عوام جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ڪابينا ان عزم کي به دهرايو آهي ته عراقي حڪومت داعش جي قبضي هيٺ آيل علائقن جو هر حصو آزاد ڪرايو ويندو.

عراقي ڪابينا ملڪي فوج، عوامي رضاڪارن ۽ عراقي فوج جي جنرل ڪمان جي ماتحت مقامي جنگجوئن ذريعي انبار صوبي کي داعش کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ملڪ جي ڪمانڊر اِن چيف جي فيصلي جي حمايت ڪئي آهي.

ان کان علاوه عالمي برادري ۽ پاڙيسري ملڪن کي به چيو ويو آهي ته اهي داعش خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي مدد ڪن ۽ انهيءَ ضمن ۾ هٿيارن جي فراهمي کان علاوه جنگ کانپوءِ علائقي جي نئين سر تعمير لاءِ فنڊز جي فراهمي جي درخواست به ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪا جي سلامتي ڪونسل جو چوڻ آهي ته اهي ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن ته انبار صوبي ۾ داعش خلاف هلندڙ ويڙهه ۾ زميني فوج جي مدد جو بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو.

رمادي شهر جي رهواسين جو چوڻ آهي ته داعش جا ويڙهاڪ شهر ۾ پنهنجو قبضو مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ انهن صرف دفاعي مورچا قائم ڪري ورتا آهن.

علائقي واسين اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ويڙهاڪ حڪومت جي حامين کي ڳولهڻ لاءِ گهر گهر تلاشي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن ماڻهن کي قتل ڪري سندن لاش فرات درياءَ ۾ اڇلايا پيا وڃن.

گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اهو انساني بحران آهي،گذريل ڏينهن ۾ 25 هزار ماڻهو شهر مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن جيڪي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

اطلاعن موجب شيعا مليشيا جا 3 هزار ماڻهو رمادي شهر ۾ 20 ڪلو ميٽر مفاصلي تي الحبانيه ملٽري ڪيمپ ۾ رمادي شهر کان داعش جو قبضو ختم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته داعش جي ويڙهاڪن آچر ڏينهن رمادي شهر تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ عراقي حڪومت شهر جو قبضو ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ايراني حمايت يافته شيعا مليشيا جون خدمتون به حاصل آهن جيڪي شهر جي اتر ۾ موجود آهن.

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*