عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن جي مدي ۾ 3 هفتن تائين واڌ ڪئي وئي

 عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن جي مدي ۾ 3 هفتا واڌ ڪئي وئي آهي،  سياسي پارٽين جي اهم شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿيڻ ۽ آڏي پڇا مڪمل نه ٿيڻ سبب ڪميشن جو مدو وڌايو ويو.

 ذريعن موجب، صدارتي آرڊيننس ذريعي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ قائم ڪيل انڪوائري ڪميشن جو 45 ڏينهن وارو مدو 23 مئي تي پورو ٿي رهيو آهي پر ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ناهي ٿي سگهي.

ذريعن موجب، ڪميشن جي مدي ۾ 3 هفتن تائين وڌا ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين جي ڪيترن ئي اهم شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿيڻ ۽ آڏي پڇا وارو عمل مڪمل نه ٿيڻ سبب ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ نادرا چيئرمين ۽ فافن جي سربراهه کي شاهد طور طلب ڪيو ويو آهي.

انڪوائري ڪميشن جو پهريون اجلاس 9 اپريل تي ٿيو هو، ڪميشن هن وقت تائين پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، ڊپٽي  چيف سيڪريٽري پنجاب، اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر پنجاب، سڪيورٽي پرنٽنگ پريس جي ايم ڊيز جا بيان رڪارڊ ڪري چڪي آهي.

ڪميشن ۾ سينيئر وڪيل حفيظ پيرزادو تحريڪ انصاف، اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا پيپلزپارٽي، جڏهن ته زاهد حامد ن ليگ جي وڪالت ڪري رهيا آهن.

ڪميشن ۾ ناليوارو قانوندان قانوندان سلمان اڪرم راجا اليڪشن ڪميشن جو وڪيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*