ايگزيڪٽ ڪمپني جي سموري رڪارڊ تائين پهچي چڪا آهيون، ايف آءِ اي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪامران عطاءُ الله

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪامران عطالله چيو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني خلاف جاچ دوران هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

ايف آءِ اي جي ٽيم اڄ به ايگزيڪٽ ڪمپني جي ڪراچي واري آفيس ۾ موجود آهي.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪامران عطاءَ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  معاملي جي جاچ جاري آهي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايگزيڪٽ ڪمپني جي ڊائريڪٽر شيعب احمد جي طلبي لاءِ اڃا نوٽيس جاري نه ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته هو ايگزيڪٽ ڪمپني جي سموري رڪارڊ تائين پهچي چڪا آهن.

ڪامران عطاءَ الله چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.

هن چيو ته جاچ ٽيمون آفيسن مان شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به ايگزيڪٽ جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*