سنڌ اسيمبلي سروسز ٽربيونل ۾ ترميم سميت 2 بل منظور ڪري ورتا

سنڌ اسيمبلي سروسز ٽربيونل ۾ ترميم  سميت 2 بل منظور ڪري ورتا، پري بجيٽ سيشن دوران پيش ڪيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ جو ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو، اندرون سنڌ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي صوبائي وزير سڪندر منڌري معذرت ڪري ورتي.

آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران قانون واري وزير سڪندر منڌرو پاران پري بجيٽ سيشن ۾ پيش ڪيل تجويزن کي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پاس ڪيو ويو.

ايوان سروسز ٽربيونل ۾ ٽيون ڀيرو ترميم وارو بل به منظور ڪري ورتو، جنهن سان ٽربيونل جي سربراهه جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ کيس ڪيسن جي اڪلاءُ ۾ آساني ٿيندي.

سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۾ سليم حبيب ٽرسٽ جي انتظام هيٺ باريٽ هوگسن انٽرنيشنل يونيورسٽي جي قيام وارو بل به منظور ڪري ورتو، ايوان کي ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به يونيورسٽيز قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

پارلياماني معاملن واري وزير سڪندر منڌري جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ترميمي بل به غور لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، بل تحت جناح يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ اسپتال قائم ڪري سگهبي.

سوالن جوابن جي وقفي دوران سڪندر منڌري ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي ايڊمنسٽريٽرز بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ ۾ ترميم جي ضرورت آهي.

صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪراچي جي 28 هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ سرچ وارنٽ جاري ڪيا ويا  آهن، 12 سوسائٽيز کي جاچ بعد ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي.

اسپيڪر سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ سوسائٽي ڇو ناهي جوڙي وئي، سڪندر منڌري چيو ته 3 ميمبر گڏجي سوسائٽي جوڙين ته کين زمين الاٽ ڪئي ويندي.

وريام فقير خاصخيلي چيو ته فنڪشنل ليگ تي ڪرپشن جا الزام هنيا وڃن ٿا، کين اسيمبلي اندر صفائي جو موقعو ڏنو وڃي.

ان موقعي تي ايوان کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل 8 بلن جي گورنر منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پارلياماني معاملن واري وزير سڪندر منڌري پاران اندورن سنڌ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي سينيئر وزير نثار کهڙي اعتراض واريو، جنهن تي سڪندر منڌري معذرت ڪئي.

 مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*