پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ايگزيڪٽ اسڪينڊل تي بحث لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ايگزيڪٽ اسڪينڊل تي بحث لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اڳ سرڪار ادارن مٿان جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳندا هئا، هاڻ خانگي ادارن جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.

خرم شير زمان پاران سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل مهملي جي رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ايگزيڪٽ جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ هئڻ ڪري معاملو سنڌ جو آهي.

هن چيو ته اسيمبلي جي معمول واري ڪارروائي روڪي هن اهم مسئلي تي بحث ڪرايو وڃي، اهو به پتو ڪرايو ته اسيمبلي ميمبرن وٽ جعلي ڊگريون ته ناهن.

ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوان ڳالهائيندي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته اڳ سرڪار يونيورسٽيز مٿان جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳندا هئا، هاڻ خانگي ادارن جا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن، جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

نوازليگ جي لياقت جتوئي چيو ته سنڌ سرڪار جي ته هر شئي جعلي آهي، ڪهڙي ڪهڙي ڳالهين جي جاچ ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*