جسقم ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف گڊو ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهروڪيو ويو

جسقم ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪارڪنن پاران گڊو ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جسقم جي سڏ تي شاهي بازار، سونارڪي بازار ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ سميت شهر جا ننڍ وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن.

هڙتال دوران ٽرانسپورٽ مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته جسقم اڳواڻن کي بنا جواز کنڀي گم ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا، جيڪا سنڌ جي گهڻ گهرين  خلاف سازش آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جسقم ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر مظاهرا ڪيا ويندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*