پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيم وچ ۾ رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾شام جو 7 وڳي کيڏي ويندي.

پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيش دوران ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

زمبابوي جي ٽيم کي هوٽل مان اسٽيڊيم ۽ اسٽيڊيم مان هوٽل تائين سخت سيڪيورٽي هيٺ پهچايو ويو.

3مارچ 2009 بعد پهرين ڀيرو ملڪ ۾ ڪا ٽيسٽ اسٽيٽس رکندڙ ٽيم دورو ڪري رهي آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ وڏي عرصي بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿيندي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طورتي 5ٽي-ٽوئنٽي ميچز کيڏيون ويون آهن، جن ۾ ڪاميابي قومي ٽيم جو مقدربڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*