ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ۾ ملوث 106 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي

ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ۾ ملوث 106 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي پر سڀني جوابدارن ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ شاهدن کي سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل 106 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

فرد جرم هيٺ آيل 106 جوابدارن ۾ بٺي مالڪ يوسف گجر به شامل آهي پر سمورن جوابدارن ڏوهه ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سڀاڻي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته ڪوٽ راڌا ڪشن واقعي ۾ عيسائي زال ۽ مڙس کي زندهه ساڙي قتل ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*