حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 98ع جي جهاز هاءِ جيڪنگ ڪيس جي ٽن جوابدارن جا بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

 ٽنهي قيدين کي 28 مئي تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو.

1998 ۾ ڪوئيٽا کان اڏام ڪندڙ جهاز کي ٽن دهشتگردن يرغمال بڻايو ۽ ڀارت نيڻ جي ڪوشش ڪئي، جهاز جي ڪيئٽن هوشياري سان ڀارت جو ٻڌائي جهاز کي حيدرآباد ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرايو، جنهن بعد جهاز يرغمال بڻائيندڙ شهسوار بلوچ، صابر رند ۽ شبير رند کي گرفتار ڪيو ويو.

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي، جن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي کي چئلنج ڪيو، جتان سندن درخواستون رد ٿي ويون.

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڄ ٽنهي قيدين جا بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، قيدي شهسوار بلوچ ۽ صابر رند کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ شبير رند کي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 28 مئي تي ڦاهي ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*