پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪينيڊا کان لنڊن پهچي ويو

پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ڪينيڊا کان لنڊن پهچي ويو آهي، طاهر القادري چيو آهي ته هـُو هر صورت ۾ 20 نومبر تي پاڪستان پهچندو، حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ وارو شوق پورو ڪري ڏسي.

ڊاڪٽر طاهر القادري ڪجهه ڏينهن ڪينيڊا ۾ ترسڻ کانپوءِ برطانيه جي گادي واري شهر لنڊن پهچي ويو آهي،  جتي آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سميت ڪيتريون ئي اهم شخصيتون  موجود  آهن.

ذريعن موجب، ڊاڪٽر ظاهر القادري جي ڏيهه واپسي کان اڳ مسلم ليگ قاف جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

لنڊن پهچڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته حڪومت سان ڪا به ڊيل ناهي ٿي، هـُو هـَر صورت ۾ 20 نومبر تي ڏيهه پهچندو، حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ وارو شوق پورو ڪري ڏسي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*