ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ چار ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

ٿر ۾ ڏڪار، غذائي کوٽ، دوائون جي اڻ هوند ۽ غربت سبب ٻارڙن جي حياتيون وڃائڻ جو لڱ ڪانڊرايندڙ سلسلو جاري آهي، صبح جي شروعات ۾ ئي چار ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ڏيڍ مهيني کان ڪر کنيل انهي آفت هيل تائين 92 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن.

مٺي جي سول اسپتال ۾ ڳوٺ سُندر جي رهواسي سڀاڳو خان مهر جي 5 ڏينهن جي ڌيءُ مَدَتُ النساءِ غذائي کوٽ سبب فوت ٿي وئي.

ڇاڇري جي بجير پاڙي ۾ 8 ورهين جو اويس بجير غذائيت جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو.

ڳوٺ لوڻيار جي رهواسي هيمن جو 5 ڏينهن جو پٽ سول اسپتال مٺي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڏيپلي جي ڳوٺ نيبروڪر ۾ ڳوٺاڻي حنيف جو هڪ مهيني جو پٽ اياز غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو.

آچر ڏينهن به غذائيت جي کوٽ، نمونيا ۽ جهٽڪن جي بيمارين سبب 8 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا.

غذائي کوٽ ۽ صحت جي سهولت نه هئڻ سبب ٿرپارڪر ضلعي ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران 92 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، پر سنڌ سرڪار جي دعوائن باوجود ٿر ۾ صحت جو مسئلو حل نه ٿي ٿي سگهيو، جنهن ڪري معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو گهٽجڻ بدران تيزي سان وڌي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*