ايندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا فيورٽ آهن وسيم اڪرم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2015۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم فيوريٽ آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر وسم اڪرم چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪهڙي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ان جو جواب ته حڪيم لقمان وٽ به نه آهي.

وسيم اڪرم جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي پنهنجي ڪپتاني جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي.

وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته آسٽريلوي ٽِيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ بعد ڪيوي ٽيم خلاف کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد ٻي ٽيسٽ ۾ به قومي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪندي.

هن چيو ته آسٽريلوي ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾شڪست ڏيڻ بعد نيوزيلينڊ جي ٽيم کي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏيڻ باوجود هو اهو نٿو چئي سگهي ته قومي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ به ڪاميابي ماڻيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*