پاڪستان بيليسٽڪ ميزائيل شاهين ون اي حتف چار جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان بيليسٽڪ ميزائيل شاهين ون اي حتف چار جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ميزائل ۾روايتي ۽ ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ميزائل 900 ڪلوميٽرن تائين پنهنجي حدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان پاران بيليسٽڪ ميزائيل شاهين ون اي حتف چار جو تجربو ڪيو ويو، جنهن ڪاميابي سان عربي سمنڊ ۾ پنهنجي حدف کي نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل 9 سئو ڪلوميٽرن تائين پنهنجي حدف کي آسانيءَ سان نشانو بڻائي سگهي ٿو، ميزائيل ۾ روايتي ۽ ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت پڻ موجود آهي.

تجربي دوران سامونڊي فوج جو سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله، ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود ۽ ليففٽيننٽ جنرل عبيد الله خان ۽ ٻيا به موجود هئا، جن ڪامياب تجربي تي انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون.

ڪامياب تجربي تي صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف پڻ منصوبي سان لاڳاپيل ماهرن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته تجربي سان ملڪي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*