سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويندو

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهنن دوران، ٿر ڏڪار ۽ امن امان سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويندو.

اجلاس دوران ڏڪاريل ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي بحث ڪيو ويندو.

اسمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي بابت بحث ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرز امن امان جي صورتحال تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*