اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي خوشين کي جيڪا سندس پٽ جي اغوا سبب نظر لڳي وئي هئي

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي خوشين کي جيڪا سندس پٽ جي اغوا سبب نظر لڳي وئي هئي، گذريل ڏينهن انهن خوشين جي بحاليءَ جا اهڃاڻ سامهون آيا آهن ۽ رپورٽس موجب علي حيدر گيلاني گذريل ڏينهن 8 منٽن تائين پنهنجي والد سان ڳالهائي کيس روئاري وِڌو.

علي حيدر گيلاني عام چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيو ۽ افغانستان ۾ سندس قيد هجڻ ڊگهي عرصي کان رپورٽ ٿيندو رهيو آهي.

ڊگهي عرصي کان اڳوڻو وزير اعظم پٽ جي بازيابي لاءِ پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ وانگي تڙپندو رهيو، نيٺ گذريل ڏينهن مالڪ کي سندس حالت تي رحم اچي ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو.

چيو پيو وڃي ته افغانستان مان علي حيدر گيلاني پنهنجي پيءُ سان ٽيليفون تي ڳالهائي پنهنجي خيريت سان هجڻ جو کيس اطلاع ڏنو.

رابطي لاءِ رپورٽ ٿيو آهي ته اغوا ڪارن علي حيدر گيلاني کي جڏهن موقعو ڏنو ته سندس والد يعني اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جو نمبر REACH ۾ نه هو، جنهن کانپوءِ علي حيدر پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر جاويد اقبال کي ميسيج ڪيو ته هو علي حيدر آهي ۽ پنهنجي پيءُ سان ڳالهائڻ ٿو گهري، سندس رابطو ڪرايو وڃي، جنهن کانپوءِ پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ رابطو ڪرايو ويو.

رابطي دوران علي حيدر يوسف رضا گيلاني کي ٻڌايو ته هو خيريت سان ۽ اڳي کان بهتر حالت ۾ آهي.

هن پنهنجي والد کي ٻڌايو ته اغوا ڪارن هاڻي کيس نئين جڳهه تي رکيو آهي، جيڪا اڳي کان بهتر آهي ۽ هو بلڪل خيريت سان آهي.

اهڙي رابطي يوسف رضا گيلاني کي روئاري وِڌو، اڄ معلوم ٿيو آهي ته يوسف رضا گيلاني آرمي چيف سميت اهم حڪومتي شخصيتن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد پهتل آهي.

يوسف رضا گيلاني اڄ اعليٰ حڪومتي عملدارن ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪري پٽ سان ٿيل ڪالهوڪي رابطي بابت کين آگاهه ڪندو ۽ کانئن گهربل مدد چاهيندو.

يوسف رضا گيلاني تازو آصف زرداري سان گڏ افغانستان جو دورو ڪري اتان جي صدر کان پنهنجي پٽ جي  بازيابي ۾ مدد گهري هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪالهه پٽ سان رابطي جي صورت ۾ سٺي خبر ملي آهي.

دعا آهي ته علي حيدر گيلاني تڪڙو بازيابي ٿي گهر ڀاتين سان گڏجي ته جيئن ڊگهي عرصي کان سندن گهراڻي جون موڪلائي ويل خوشيون بحال ٿي سگهن!

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*