آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

جعلي ڊگريون ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل آءِ ٽي ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو شعيب شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو جتي هن پنهنجي وڪيل انور منصور جي معرفت حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جاچ کان اڳ کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني خلاف جاچ ڪئي وڃي پر ملازمن کي ڪم کان نه روڪيو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جستائين جاچ مڪمل نه ٿئي تيستائين ڪمپني کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

امڪان ظاهر ڪيوپيو وڃي ته شعيب شيخ جي درخواست تي بينچ قائم ڪري اڄ ئي ٻڌڻي ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*