سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 29 تي قائم علي شاهه جي ڪاميابي خلاف پٽيشن جي ٻڌڻي حيدرآباد ٽربيونل منتقل ڪرڻ خلاف غوث علي شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ غوث علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

غوث علي شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو  ته کيس حيدر آباد ٽربيونل جي سربراهه تي اعتماد ناهي ان ڪري درخواست کي ٻڌڻي لاءِ ٻئي ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد غوث علي شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*