ملتان ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ هڪ وڌيڪ اسڪول جي ڇت ڪري پئي آهي پر ٽيچر جي وقتائتي هدايت ٻارڙن کي محفوظ بڻائي ورتو.

ملتان جي علائقي شريف پوره ۾ طلحه نالي پرائيويٽ اسڪول ۾ تدريسي عمل جاري هو ته ڇت ڏَرڻ لڳي.

اسڪول ٽيچر ٻارڙن کي فوري طور تي ڪلاس روم مان ڀڄڻ جي هدايت ڪئي، جيئن ئي ٻارڙا ڪلاس روم مان ٻاهر نڪتا ته اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي.

 خدشو آهي ته جيڪڏهن ٻارڙا ٽيچر جي ڏاهپ جي ڪري ڪلاس روم مان نه نڪرن ها يا کين نڪرڻ ۾ دير ٿئي ها ته وڏو جاني نقصان ٿي پئي سگهيو.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به ملتان ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ٽيچر سميت 38 ٻارڙا زخمي ٿيا هئا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*