سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين تي تشدد واري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي عدالت پهتا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين تي تشدد واري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي عدالت پهتا آهن، آءِ جي سنڌ پاران داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 23  مئي تي ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامين رتوڇاڻ جي سازش ڪئي، پوليس پيشوراڻي مهارت سان ڪارروائي  ڪئي جنهن سبب ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ صحافين تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي  رهي آهي،جنهن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ  آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي عدالت پهتا آهن، جڏهن ته  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهميدا به رينجرز جي سيڪيورٽي ۾ عدالت پهتا آهن.

  چيف سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ساڻس رابطو ڪري عدالت ٻاهران مقرر پوليس بابت آگاهي ڏني.

   هن چيو ته رجسٽرار جي رابطي کانپوءِ هن آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايتون ڏنيون ،جن هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو ڪيو.

  آءِ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو ته 23 مئي تي هاءِ ڪورٽ ۽ اي ٽي سي اندر ۽ ٻاهر  پوليس امن امان لاءِ بيٺل هئي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا جا حامي غير قانوني ۽ منع ٿيل هٿيارن سان عدالت ٻاهران بيٺل هئا جن خونريزي جي رٿا بندي ڪئي هئي، پر پوليس پيشوراڻي مهارت سان ڪارروائي ڪئي جنهن سبب ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

    آءِ جي سنڌ جواب ۾ اهو به چيو ته 11 هٿياربند ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جن وٽان خطرناڪ هٿيار هٿ آيا آهن جن ۾ جي ٿري، ايس ايم جيز ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن جڏهن ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

   آءِ جي سنڌ جواب ۾ اهو به چيو آهي ته ذوالفقار مرزا جا حامي دهشت ڦهلائي رهيا هئا ۽ اهي پرائيويٽ آرمي طور نظر اچي رهيا هئا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران  ميڊيا سان ڳالهائيندي فهميدا مرزا چيو  ته افسوس آهي جو  کين   پنهنجي حڪومت ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت اچڻو پوي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*