پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او ڊسڪه جي مبينا فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا،

 پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او ڊسڪه جي مبينا فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا، واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار گوجرانوالا هرتال جو اعلان ڪندي پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ وڪيلن ۽ پوليس ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ايس ايڇ او ڊسڪه ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا.

جهيڙي دوران ايس ايڇ او جي مبينا  طور فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊسڪه بار جو صدر راڻا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي گوجرانوالا منتقل ڪيو پئي ويو ته  ٻنهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

واقعي بعد ڊسٽرڪٽ بار گوجرانوالا هڙتال جو اعلان ڪندي،  ايس ايڇ او خلاف خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وڪيلن ۽ پوليس ۾ چڪرين جو نوٽيس وٺندي آر پي او   گوجرانوالا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*