سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ عدالت جا رستا بند ڪري گهيراءُ ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي ذميوار پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ عدالت جا رستا بند ڪري گهيراءُ ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي ذميوار پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي ڪم کان روڪيو ويندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالت جو گهيراءُ ۽  صحافين تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران آءِ جي سنڌ ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، جڏهن ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا به عدالت ۾ موجود هئا.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته هٿياربند عدالت ۾ داخل ٿيا کين بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڪمانڊوز ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو .

آءِ جي چيو ته جيڪڏهن هٿياربند عدالت ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪن ها ته جج ، وڪيل ۽ عام ماڻهو مارجي وڃن ها ۽ ان صورت ۾ به آڱريون پوليس تي ئي کڄن ها.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته هنن ڪڏهن به ڏوهارين خلاف ڪارروائي کان ناهي روڪيو ۽ اهو به نه پڇيو آهي ته ٻاهرين ماڻهن تي تشدد ڇو ٿيو آهي، پر اسان رڳو اهو پڇون ٿا ته عدليه جو گهيرو ڇو ڪيو ويو؟

عدالت چيو ته وٽن حملي جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، جنهن ۾ ماڻهن جا چهرا به نظر اچي ٿا.

عدالت جو چوڻ هو ته هو رڳو حڪومت جو موقف ٻڌڻ چاهين ٿا ۽ ڪارروائي پاڻ ڪندا.

آءِ جي چيو ته هو عدالت جو احترام ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن عدليه تي حملو ٿيو ته عدالت ۾ ويٺل ماڻهن ڀڄي ويندا، پر پوليس قربان ٿيندي رهندي.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس  کي قانون موجب ڪم ڪرڻ گهرجي، عدالت  ڪنهن کي به ڪم کان ڪڏهن به نه روڪيو آهي.

عدالت جو چوڻ هو ته پوليس هڪ ادارو آهي اها حڪومت کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي.

عدالت چيو ته آءِ جي ايڊيشنل آءِ جي ، ڊي آءِ جي ۽ ايس پي وضاحت ڪن ته هنن ڪنهن جي چوڻ تي ڪارروائي ڪئي؟ اسان ڊي آءِ جي ۽ ايس پي کي معطل ڏسڻ چاهيون ٿا.

عدالت چيو ته ڊي آءِ جي ۽ ايس پي ان وقت تائين ڪم نه ڪندا جيستائين حلف ناما نه ٿا پهچن.

عدالت چيو ته عدالتي گهيراءُ بعد چيف سيڪريٽري ، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي سان رابطا ڪيا ويا پر انهن جا فون نمبر بند هئا، ٻڌايو وڃي ته ڇا اوهان ستل هئا؟

عدالت عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  ذوالفقار مرزا کي پاسي تي رکون ٿا، هن وقت معاملو عدالت جو آهي، کين حملي تي ڳڻتي آهي.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا عدالت جي حفاظت لاءِ فوج کي گهرايون؟ کين عدالت بند ڪرڻي پئي ته ڪئي ويندي پر عدالت جي وقار تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

عدالت چيف سيڪريٽري کي سنڌ حڪومت جو لکت ۾ جواب ڏيڻ ، گهرو سيڪريٽري ، آءِ جي ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي توهين عدالت بابت سڀاڻي تائين حلفيه بيان جمع ڪرائڻجو حڪم ڏنو.

عدالت آءِ جي کي عدالت جو رستو بند ڪري گهيراءُ ڪندڙ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي ڪم کان روڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*