سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرز کي نائين زيرو تان گرفتار ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان سان سندس وارثن جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عامر خان جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست  ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو  ته گرفتاري بعد عامر خان سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي، جنهن سبب سندن پريشاني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

عدالت اهڙي درخواست رينجرز کي عامر خان سان سندس وارثن جي ملاقات  ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عامر خان کي نائين زيرو تان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي عدالت 90 ڏينهن رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*