سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ڪردار ڪشي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

سپريم ڪورٽ، ايم ڪيو ايم جي ڪردار ڪشي، 99 ۾ فوجي چڙهائين ۽ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جـِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ ايم ڪيو ايم جي ڪردار ڪشي، فوج چڙهائي ۽ فوجي عدالتن جي قيام بابت 14 سال پراڻي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

متحده پاران درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 19 سئو 99 جي واري مارشل غير آئيني هئي، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.

عدالت، درخواستن کي 14 سال پراڻيون هئڻ تي غير موثر قرار ڏيندي در ڪري ڇڏيو.

عدالت، فوجي عدالتن جي قيام بابت پڻ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*