پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او جي مبينا فائرنگ ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سميت 2 وڪيل مارجي ويا ۽ هڪ وڪيل زخمي ٿي پيو

پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او جي مبينا فائرنگ ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سميت 2 وڪيل مارجي ويا ۽ هڪ وڪيل زخمي ٿي پيو، وزيراعظم نوازشريف، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ گهري ورتي آهي.

پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ ايس ايڇ او ڊسڪه هڪ ڪيس ۾ پيش ٿيڻ بعد واپس اچي رهيو هو ته،سندس وڪيلن سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ايس ايڇ او ڊسڪه ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا.

جهيڙي دوران ايس ايڇ او جي مبينا  طور فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊسڪه بار جو صدر راڻا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي گوجرانوالا منتقل ڪيو پئي ويو ته  ٻنهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

واقعي بعد وڪيلن پوليس خلاف احتجاج ڪندي نعريبازي ڪري ڏني، جنهن دوران به اهلڪارن فائرنگ ڪري ڏني،جنهن جي نتيجي ۾ وڪيل سميع الله زخمي ٿي پيو.

وزيراعظم ميان نواز شريف ڊسڪه ۾ ٻن وڪيلن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وڪيلن ۽ پوليس ۾ چڪرين جو نوٽيس وٺندي آر پي او گوجرانوالا کان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منظور احمد ملڪ، پنجاب جي شهر ڊسڪه ۾ ٻن وڪيلن جي قتل جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ  گهري آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*