چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪيمٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،  جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پاران بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ووٽن جي تصديق ۽ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت بريفنگ ڏني ويندي.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ چونڊ سڌارن بابت ڪميٽيءَ جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر ۽ سائنس ۽ ٽينڪالوجي واري وفاقي وزير زاهد حامد جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پاران بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ووٽن جي تصديق ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت  ڪميٽيءَ کي بريفنگ ڏني ويندي.

ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو عملي مظاهرو به ڪيو ويندو ۽ پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002 بابت جائزو به ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*