لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت درخواست تي وفاق کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت درخواست تي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته درخواست مان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو نالو حذف ڪيو ويو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ، ماڊل ٽائون سانحي جي جوڊيشل انڪوائري رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت پاڪستان عوامي تحريڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پـِي اَي ٽـِي جـِي وڪيل اشتياق چوڌري موقف اختيار ڪيو ته حڪومت، ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ پڌري نه ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، آئين تحت عوام کي سموريون حقيقتون ڄاڻڻ  جو حق آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حڪومت، ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ پڌري نه ڪري اصل ذميوارن کي لڪائڻ بچائڻ چاهي ٿي، عدالت کي استدعا آهي ته رپورٽ پڌري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

گذريل ٻڌڻي تي عدالت پاران درخواست ۾شهباز شريف جونالو شامل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ حذف ڪيو ويو آهي.

عدالت، اهڙي درخواست تي پنجاب حڪومت ۽  وفاقي سرڪار کان رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*