جهلم ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي تي فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

جهلم ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي تي فائرنگ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ن ليگ جي اڳواڻن کي نامزد ڪندي قتل جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

پـِي ٽـِي آءِ جي ريلي تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪارڪن عديل جي فرياد تي جهلم جي صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چوڌري نديم خادم ۽ چوڌري اسد کي نامزد ڪيو ويو.

ايف آءِ آر ۾ قتل جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي ضلعي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس سندن ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪري.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن جهلم جلسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ريلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا 9 ڪارڪن زخمي ٿي پيا هئا.

پي ٽي آءِ جي ضلعي اڳواڻن الزام هنيو هو ته فائرنگ ن ليگ چوڌري نديم خادم ۽ سندس سئوٽ ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*