نيب ۾ آفيسرن جي مقرريون ۽ ترقيون سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيون ويون

قومي احتساب بيورو نيب ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ ترقين کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته اداري ۾ پنهنجا نواز پاليسي تحت نه صرف ضابطن خلاف مقرريون ڪيون پيون وڃن پر ترقيون پڻ ڏنيون ويون آهن.

درخواستگذار محمود اختر نقوي پاران قومي احتساب بيورو نيب ۾ مقررين ۽ ڀرتين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته هر فرد ۽ ادارو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻ جو پابند آهي پر نيب ۾ سفارشن تحت ضابطن خلاف مقرريون ۽ ڀرتيون ڪيون ويون آهن.

درخواستگذار موجب نيب لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل سيد برهان، ڊائريڪٽر جنرل راولپنڊي صبح فاروق، شهزاد انور ڀٽي، ڊائريڪٽر جنرل ڪـَي پـِي ڪـَي شهزاد اسلم، طارق محمود ۽ ڊي جي اسلام آباد مسعود لوڌي کي ضابطن جي خلاف ترقيون ڏنيون ويون آهن.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته اداري ۾ ضابطن جي خلاف مقرر ٿيل آفيسرن ۽ مقرريون ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*