ڀارتي ٽيم هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد سريلنڪن ٽيم کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ ۾ ڀارتي ٽيم هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد سريلنڪن ٽيم کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي کين سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي شهر رانچي ۾ کيڏي ويل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پنجين۽آخري ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مقرره 50 اوورس ۾ سريلنڪن ٽيم8 وڪيٽن جي نقصان تي 286 رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ ڪپتان اينجلو ميٿيوز 139 رنز جي شاندار اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪور رهيو،جڏهن ته ٿريماني 52 رنز اسڪور ڪيون.

ڀارتي ٽيم پاران ڪلڪرني 3، پاٽيل ۽ايشون ٻه-ٻه جڏهن ته بني هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪن ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 287رنز جو ٽارگيٽ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 48 ڏهائي 4 اوورس ۾ پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري مخالف ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏني.

ڀارتي ٽيم پاران ڪپتان ويرات ڪوهلي 139 رنز جي شاندار اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ايمباٽي ريئوڊي 59رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

سريلنڪن ٽيم پاران اجانٿا مينڊس 4۽ اينجلو ميٿيوز ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز کي آلرائونڊ ڪارڪردگي جومظآهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*