انصاف جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪري پرويز رشيد

سـُـڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عدالت عمران خان کي اشتهاري قرار  ڏنو آهي، انصاف جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ پنهنجو ڪيس ميڊيا تي وڙهڻ بدران عدالت ۾ وڃي وڙهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف آهي، کيس گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پارٽي جي نالي جو خيال رکي.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو ضرب غضب شروع ٿيو آهي، پي ٽي آءِ دهشتگردي واري ڪلچر کان پاسو ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته جلسا ڪرڻ جو سڀني جو حق آهي، عمران خان ميڊيا تي پنهنجو ڪيس وڙهڻ بدران عدالت ۾ وڃي وڙهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سوچ ويجهو اچي رهي آهي، ٻنهي ملڪن کي امن جي ضرورت آهي ۽ ٻئي ملڪ امن چاهين ٿا.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته خورشيد شاهه جي ڏيهه واپسي کانپوءِ مقرري تي مشاورت ڪئي ويندي، اميد آهي ته معاملو حل ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*