نصرپور ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو 5 زخمي ٿي پيا

نصرپور ۾ ساند برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 4 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نصرپور ڀرسان ساند ٿاڻي جي حد ۾ ساند برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري استاد مير محمد ساند کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ مقتول جي ڌيءِ شمس النساءِ ۽ زال خير النساءِ سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٽنڊو الهيار سول اسپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته پلاٽ جي قبضي تان سندن مخالف برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هٿياربندن فائرنگ ڪري استاد کي قتل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*