سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي گم ڪيل 10 ڪارڪنن بابت پوليس کان 18 جون تائين جواب طلب ڪيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي گم ڪيل 10 ڪارڪنن بابت پوليس کان 18 جون تائين جواب طلب ڪيو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته اڳڀرائي نه ٿي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي مٿان ڏنڊ لڳايو ويندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي 13 گم ڪيل ڪارڪنن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران پوليس ٽن ڪارڪنن عرفان، فيضان ۽ رضوان جي گرفتاري ظاهر ڪئي.

رينجرز اختيارين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي.

عدالت متحده جي 10 ڪارڪنن عمران، مهتاب، ريحان، شفيق، نعيم اختر غياث الدين ۽ ٻين جي گمشدگي بابت پوليس کي 18 جون تائين مهلت ڏني.

عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پوليس پنهنجو جواب داخل نه ڪرايو ته هو آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مٿان ڏنڊ لڳائيندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*