ٿر ۾ راڻي کيت بيماري هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، مختلف ڳوٺن ۾ ڪجهه ڏينهن دوران ناياب نسل جا سوين مور مري ويا، پر جهنگلي جيوت کاتو اگهور ننڊ پيل آهي

ٿر ۾ راڻي کيت بيماري هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، مختلف ڳوٺن ۾ ڪجهه ڏينهن دوران ناياب نسل جا سوين مور مري ويا، پر جهنگلي جيوت کاتو اگهور ننڊ پيل آهي.

راڻي کيت بيماري سبب مختلف علائقن ۾ تيزي سان مور مرڻ جو سلسلو جاري آهي، پر جهنگلي جيوت جي ڪابه ٽيم ناهي پهتي.

ننگر پارڪر جي ڳوٺ سوباڙو سمون ۽ ويرا واهه ۾ ٽن ڏينهن دوران 30 کان وڌيڪ مور مري ويا،مختلف ڳوٺن ۾ روزانو 4 کان 5 مور راڻي کيت بيماري سبب مري رهيا آهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته راڻي کيت بيماري سبب تيزي سان مور مري رهيا آهن، بيماري تي ضابطو نه آندو ويو ته ٿر مان مورن جا ناياب نسل ختم ٿي ويندو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جهنگلي جيوت کاتي مورن جي مرڻ جو ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو، هيل تائين متاثر ڳوٺن ۾ وڪسينيشن لاءِ ڏانهن ڪابه ٽيم ناهي پهتي.

ڳوٺاڻن جهنگلي جيوت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته متاثرن ڳوٺن ۾ راڻي کيت بيماري کان بچاءَ لاءِ ويڪسنيشن ڪري مورن جي  نسل کي ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*