اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته  فورسز جي  جوابي ڪارروائي ۾مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو.

ذريعن موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ گاڏي کي پڻ نقصان پهتو.

ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪري 15دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

 واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*