ڪوئيٽا ۾ ايف سي ڪارروائي ڪري 63 شڪين کي گرفتار ڪري ورتو، پشاور ۾ 82 شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي

شالدره ۽ سرياب روڊ واري علائقي ۾ پوليس ۽ ايف سي گڏيل سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 63 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پشاور ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري 82 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس موجب، پشاور شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران شڪ جي بنياد تي 82 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

واضح رهي ته ايف سي جو ڊگهي عرصي کان آپريشن جاري آهي، جنهن دوران ڪيترائي دهشتگرد پڻ گرفتار ٿي چڪا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*