واٽر بورڊ جي سنڌي ملازمن کي ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي نادر مگسي

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ واٽر بورڊ جي سنڌي ملازمن کي ڌمڪائڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي نادر مگسي چيو آهي ته متحده پنهنجي ماڻهن کي روڪي، صورتحال خراب ٿي وئي ته ڪو به اُن کي روڪي نه سگهندو، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڌمڪائيندڙن مان ڪجهه جي نشاندهي ٿي آهي، هو پاڻ ايف آءِ آر ڪٽرائي انهن کي گرفتار ڪرائيندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن واري وقفي جي خاتمي تي نادر مگسي واٽر بورڊ جي سنڌي ملازمن کي ڌمڪائڻ واري معاملي جي نشاندهي ڪندي چيو ته متحده وارن کي گهرجي ته هو پنهنجن ڪارڪنن کي روڪين ۽ متحده جي اعليٰ قيادت ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي، باقي جيڪڏهن هو وڙهڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسان به انهن سان وڙهنداسين.

هن چيو ته سنڌي آفيسرن کي ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي ۽ غنڊا آفيسن ۾ گهري مٿن تشدد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته متحده پنهنجي ماڻهن کي نه روڪيو ته حالتون ايتريون خراب ٿي وينديون، جنهن کي نه هو روڪي سگهندا ۽ نه وري اسان ئي روڪي سگهنداسين.

ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه ڌمڪائيندڙن جي نشاندهي ٿي وئي آهي، ٻيو ڪو ايف آءِ آر نه ڪٽرائي ته نه ڪٽرائي هو پاڻ ايف آءِ آر ڪٽرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرائيندو ۽ ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرس سان به سندس ڳالهه ٿي آهي.

ان موقعي تي فيصل سبزواري چيو ته متحده کي سنئون سڌو ٽارگيٽ ڪرڻ بدران ان معاملي تي ويهي ڳالهائي سگهجي ٿو، ان مرحلي تي متحده جي ٻين ميمبرن به جذباتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊپٽي اسپيڪر جي دانشمندي ۽ بعد ۾ نادر مگسي جي وضاحت کانپوءِ معاملو ماٺو ٿي ويو.

صوبائي وزير جاويد ناگوري ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس  لياري واري تڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ ۾ هڪ ايم اين اي ملوث آهي ۽ واٽس اپ تي وٽس سندس ملوث هجڻ جا ثبوت به آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*