پاڪستان ۽ بيلاروس زراعت، ثقافت، تعليم ۽ دفاعي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اسلام آباد بيلاروس سان سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو

پاڪستان ۽ بيلاروس زراعت، ثقافت، تعليم ۽ دفاعي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اسلام آباد بيلاروس سان سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو، بيلا روس جي صدر جو چوڻ آهي ته دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي، خطي ۾ دهشتگردي جو ذميوار پاڪستان نه آهي.

بيلاروس جي صدر ايگزينڊر لوڪا شينڪو جي وزير اعظم هائوس آمد تي نواز شريف سندس استقبال ڪيو، جنهن دوران پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، اسحاق ڊار، پرويز رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

مهمان صدر ايگزينڊر لوڪا شينڪو جي مان ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.

ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف سان بيلاروس جي صدر ايگزينڊر لوڪا شينڪو ملاقات ڪري واپار، زراعت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

وزير اعظم ۽ بيلاروس جي صدر وچ ۾ ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ اڻکٽ قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن ته دشمنن خلاف اسلام آباد جنگ ۾ رڌل آهي.

هن چيو ته پاڪستان بيلا روس سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، کيس اميد آهي ته مهمان صدر جو دورو بهتر ماحول ۾ مڪمل ٿيندو.

بيلاروس جي صدر ايگزينڊر لوڪا شينڪو چيو ته دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي، اسلام آباد خطي ۾دهشتگردي جو  ذميوار ناهي.

ايگزينڊر لوڪا شينڪو چيو ته خطي ۾ دهشتگردي جو الزام پاڪستان مٿان مڙهڻ بهتر عمل ناهي، جڏهن ته اهڙن الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي رهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*