حڪومت جي اعلان باوجود پنجاب ۾ سي اين جي اسٽيشنز نه کلي سگهيون

حڪومت جي اعلان باوجود پنجاب ۾ سي اين جي اسٽيشنز نه کلي سگهيون، سي اين جي ڊيلرز جو چوڻ آهي ته حڪومت کانئن 12 لک ايڊوانس ۽ 50 لک بينڪ گارنٽي گهري رهي آهي.

سي اين جي ايسوسيئيشن ۽ پيٽروليم واري وزارت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد 6 مهينن جي ڊگهي بندش کانپوءِ اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي ٻيهر گئس جي فراهمي جو اعلان ڪيو ويو.

سي اين جي اسٽيشنز تي في ڪلو گرام بدران 57 رپيا في ليٽر گئس وڪرو ڪئي ويندي.

سوئي گئس اختيارين جو چوڻ آهي ته پيٽروليم واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن اچڻ بعد پنجاب جي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي بحال ڪئي ويندي.

سوئي گئس اختيارين جو چوڻ آهي ته گئس جي فراهمي انهن سي اين جي اسٽيشنز کي فراهمي ڪئي ويندي، جيڪي 12 لک رپيا اضافي سيڪيورٽي رپورٽ جمع ڪرائيندا.

حڪومت جي اهڙي اعلان باوجود ملتان، فيصل آباد، رحيم يار خان، بهاولپور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سي اين جي اسٽيشنز نه کلي سگهيون آهن.

سي اين جي ڊيلرز جو چوڻ آهي ته حڪومت کانئن 12 لک ايڊوانس ۽ 50 لک بينڪ گارنٽي گهري رهي آهي، 8 مهينن کان اسٽيشنز بند هئڻ سبب هو ايتري رقم ادا نٿا ڪري سگهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*