لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهر علي جو چوڻ هو ته ٽيم جي سمورا رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن

پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي جو چوڻ آهي ته چيميپئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽيم کي هر ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهر علي جو چوڻ هو ته ٽيم جي سمورا رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سعيد اجمل ۽ مصباح الحق جهڙن رانديگرن جي ڪمي پوري ڪرڻ مشڪل آهي.

اظهر علي جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده ٽيم جا سمورا بيٽسمين بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهيا آهن، پر بالنگ ۾ بهتري جي گنجائش آهي.

 اظهر علي وڌيڪ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سمورن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ سڀ رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن.

اظهر علي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻُو پراميد آهي ته قومي ٽيم ون ڊي سيريز ۾ به زمبابوي جي ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏيندي.

واضح رهي آءِ سي سي پاران سلو اوور ريٽ سبب زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چگمبورا مٿان ٻن ميچز جي پاپندي مڙهيل آهي، جنهن سبب سندس جاءِ تي مساڪاڊز ٽيم جي قيادت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*