لاهور هاءِ ڪورٽ، بجلي جي بلز تي لڳايل سموريون سرچارج غير قانوني ڏيندي حڪومت کي بلز جي مد اوڳاڙيل رقم فوري طور واپس ڏيڻ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ، بجلي جي بلز تي لڳايل سموريون سرچارج غير قانوني ڏيندي حڪومت کي بلز جي مد اوڳاڙيل رقم فوري طور واپس ڏيڻ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه اي ملڪ تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ بجلي بلز تي لڳايل سرچارج خلاف 2 سئو کان وڌيڪ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

وفاق جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نئين سال جي مالي بجيٽ اچڻ وارو آهي، بلز جي سرچارج واپس ڪرڻ سان بجيٽ تي اثر پئجي سگهي ٿو.

 جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته نيپرا ايڊوائيزي اٿارٽي آهي، اهو رڳو حڪومت کي تجويز ڏئي سگهي ٿو، ادراي وٽ پاڻمرادو فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ نيپرا ۽ وفاقي حڪومت جي استدعا رد ڪري بلز تي لڳايل سموريون سرچارج غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيون.

عدالت، نيپرا جي شق پنج/31 ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو آهي ته مختلف سرچارجز جي مد ۾ اوڳاڙيل سموري رقم واهپيدارن کي واپس ڪئي وڃي.

واضح رهي ته نيپرا صنعتي ايريا جي صارفين کان بجلي بلز جي مد ۾ سرچارج اوڳاڙيو هو، جنهن خلاف 2 سئو کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*