سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شرجيل ميمڻ ايوان ۾ ججز خلاف جيڪو ڳالهايو، اهو توهين عدالت جي زُمري ۾ اچي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري فيض الحسن پاران ججز خلاف بيان ڏيڻ تي شرجيل ميمڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواستگذار فيض الحسن دخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شرجيل ميمڻ 14 نومبر تي مقدس ايوان ۾ ججز خلاف بيان ڏنو، جيڪا توهين عدالت آهي.

دخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ججز خلاف ڪنهن به فورم تي بيان نٿو ڏئي سگهجي، جنهن جي باوجود شرجيل ميمڻ بيان ڏنو ، سندس رڪنيٽ معطل ڪري مٿس توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*