جيڪڏهن پارٽي ڪالاباغ ڊيم بابت موقف واضح نه ڪيو ته خدا حافظ ڪري هليو ويندس حليم عادل شيخ

مسلم ليگ قاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، پارٽي پاران ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ سيمينار ڪوٺائڻ تي سخت احتجاج ڪندي استيعفيٰ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي موقف واضح نه ڪيو ته هـُو ق ليگ کي خدا حافظ ڪري هليو ويندو.

 ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته کيس جيئن ئي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ سيمينار ڪوٺائڻ جي ڄاڻ ملي، هن فوري طوري تي اسلام آباد پهچي چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي.

هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي ۽ ڊيم دفن ٿي چڪو آهي، ان ڪري مئل گهوڙي کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

حليم عادل شيخ چيو ته پارٽي قيادت آڏو واضح ڪيو آهي ته ڪالاباغ بابت واضح موقف اختيار ڪيو وڃي، ڊيم بابت سنڌ ۾ ڌار ۽ پنجاب ۾ ٻيو موقف نه هئڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي قيادت ڪالاباغ ڊيم بابت پنهنجو موقف تبديل نٿي ڪري ته هو ق ليگ کي الوداع ڪري ڇڏيندو.

حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته هـُو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان زنده آباد چوڻو آهي ته جيئي سنڌ به چوڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*