مستونگ جي علائقي کڏا ڪوچا مان وڌيڪ هڪ مسافر جو لاش هٿ آيو آهي، بدترين دهشتگردي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو

مستونگ جي علائقي کڏا ڪوچا مان وڌيڪ هڪ مسافر جو لاش هٿ آيو آهي، بدترين دهشتگردي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو، مسافرن جي وارثن پاران سي ايم هائوس آڏو لاش رکي ڌرڻو جاري، وڏي وزير عبدالماڪ بلوچ کان استيعفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، مستونگ جي کڏا ڪوچا مان وڌيڪ هڪ مسافر جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 22 ٿي ويو آهي.

بلوچستان جي علائقي پشين کان ڪراچي ويندڙ ٻن ڪوچز کي ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ سوار هٿياربندن مستونگ ويجهو يرغمال بڻائي 35 مسافرن کي اغوا ڪيو.

هٿياربند پهاڙي علائقي ۾ مسافرن کي وٺي ويا، جنهن بعد سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي 22 ڄڻن کي قطار ۾ بيهاري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي بعد آپريشن  ڪري ٻن زخمين سميت 7  مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو.

پوليس موجب، مستونگ جي کڏا ڪوچا مان پشين واسي وڌيڪ هڪ مسافر جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مارجي ويلن جي سڃاڻپ محمد حنيف، سيد نجيب الله، ڪوچ ڊرائيور نجيب الله، محمد عثمان، حبيب الله، حاجي سعيد احمد، عصمت الله، نعيم خان، حاجي عبدالطاهر، حاجي سعيد زئي، محمد وارث، احمد خان، نصير الله، محمد حنيف، سيد حسين، عبدالجبار، نظير الله، پشين واسي محمد عمر ۽ مولوي مهر الله جي نالن سان ڪئي وئي.

مقتولن جي وارثن سي ايم هائوس آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جتي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون.

مظاهرين بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن دوران ڇڪتاڻ وڌي وئي.

ڌرڻي دوران  مظاهرين وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

ٻئي طرف وڏي وزير عبدالملڪ بلوچ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هُـــــــــو  متاثرن سان گڏ آهي، واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*